ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ راڻپور جي پاڻي جي تلاءَ مان 50 سالن جي سروپ چند مهراج جو لاش هٿ آيو، ٻڌايو پيو وڃي ته لاش 3 ڏينهن پراڻو آهي، ڳوٺاڻن لاش ترندو ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش تعلقه اسپتال آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ هو ته فوتي 3 ڏينهن اڳ گهران نڪري ويو هو، سندس دماغي توازن ٺيڪ نه هو،