ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ مامچيرو ويجھو جھنگ ۾ شڪارين هڪ ناياب نسل جي هرڻ کي گولين جو کاڄ بڻاڻي ماري ڇڏيو، شڪاري بندوق سان فائر ڪري ھرڻ کي زخمي ڪرڻ بعد ھرڻ کي ذبح ڪري گاڏي ۾ وجھي پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا، ان حوالي سان ڳوٺاڻن  سوائي سنگھه، ڪاڇيو، چترسنگ ۽ ٻين ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي مهينن کان هرڻن جو شڪار جاري آهي پر انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي، هنن چيو ته رات دير سان نامعلوم شڪارين جھنگ ۾ چرندڙ ھرڻ کي گوليون هڻي زخمي ڪري کڻي ويا آهن، هنن چيو ته وائلڊ لائيف کاتي ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي، هنن مطالبو ڪيوته شڪار بند ڪرايو وڃي، ٻي طرف وائلڊ لائيف کاتي جي ڊپٽي ڪنزرويٽر اعجاز ٽالپور ٻڌايو ته ھرڻ جي شڪار جو اطلاع ملڻ شرط ئي ٽيم انڪوائري لاءِ واقعي واري ڳوٺ رواني ڪري ڇڏي ھئي، انڪوائري مڪمل ڪري ھرڻ جي شڪار ۾ ملوث شڪارين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.