ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ باهه لڳڻ سبب ٻن پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، خبر موجب ڳوٺ ساڏورس ۾ گذريل رات دير سان ڪولهي پاڙي ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪڻڪ جي لاباري تي بئراجي علائقن ۾ مزدوري تي ويل ٻن پورهيتن هيرو ڪولهي ۽ هنشو ڪولهي جا گهر سڙي رک ٿي ويا، باهه لڳڻ سبب ضروري ڪاغذ، بسترا، ٿانو، اناج، کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، ڳوٺاڻن موجب اطلاع ڏيڻ باوجود فائربرگيڊ نه پهتي، جنهن بعد علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.