ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ باهه لڳڻ سبب 10 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، خبر موجب ڳوٺ رامجي جو وانڍيو ۾ باهه لڳڻ سبب 10 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن ۾ آتم، ڪانجي، مالو، تلسي، صوڀو ڪولهي ۽ ٻيا شامل آهن، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل کٽون، بسترا، ٿانو ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.