ننگرپارڪر (ن پ ا) ٿر ۾ ناياب نسل جي هرڻن جو شڪار رڪجي نه سگهيو، خبر موجب ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ڪوئيا ۾ رات جي پيٽ ۾ نامعلوم شڪاري ناياب نسل جي هرڻ جو شڪار ڪري ذبع ڪرڻ بعد پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته رات جي پهر ۾ ڳوٺ جي ڀرپاسي چوپائي مال جي ڌنارن ڪاري رنگ جي گاڏي ڏٺي ۽ بندوق جو ٺڪاءُ ٻڌو جنهن بعد هو ٻاهر نڪتا ته شڪاري هرڻن جو شڪار ڪري  ذبع ڪري پاڻ سان گڏ کڻي فرار  ٿي ويا، هوڏانهن وائلڊ لائيف عملدار سليمان کوسو ٻڌايو ته ڳوٺاڻن هرڻ جي شڪار جو اطلاع جهنگلي جيوت کاتي کي ڏنو هرڻ کي ذبع ڪيو ويو آهي، رت جا نشان موجود هئا.