لاڙڪاڻو/ باقراڻي ( رپورٽ: نادر ابڙو/ احمد نواز بلوچ ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڳوڻي صدر آصف زرداري جي هدايتن تي لاڙڪاڻي جي تعلقي باقراڻي ڀرسان ڳوٺ سجاول تنيو پهچي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيل  ميجر سعيد تنيو جي وارثن شھيد جي پيءُ نواب تنيو ڀائرن علي ڏنو ۽ امير علي تنيو سان تعزيت بعد شھيد جي مزار تي فاتحه پڙھي گلن جي چادر چاڙھي ۽ اجرڪ چاڙھيو. ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خاص هدايتن تي تعزيعت لاءِ پهتو آھيان هن چيو ته  هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان فوجي آفيسر ملڪ خاطر شهادت ماڻي آھي جنهن تي اسانکي فخر آھي هن چيو ته شھيد جي وارثن ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آھيون،وڏي وزير کان صحافين طرفان اڳوڻي وزير اعظم عمران خان بابت پڇيل سوال جي جواب ڏيندي چيو ته هن وقت سياسي ڳالهه نٿا ڪري سگهون، آءُ شهيد سعيد تنيو جي وارثن وٽ تعزيت لاءِ آيو آهيان، هن چيو ته ڳوٺ سجاول تنيو ۾ پاڻي جو مسئلو آهي، جنهن کي حل ڪرايو ويندو، وڏي وزير اهو پڻ اعلان ڪيو ته سجاول تنيو ڳوٺ جا روڊ ۽  قبرستان کي چار ديواري ٺاهي ويندي جنهن بعد وڏو وزير ڪراچي روانو ٿي ويو. وڏي وزير سان گڏ پ پ چيئرمين جو پوليٽيڪل سيڪريٽري  جيمل احمد سومرو،صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ڊي آء جي مظھر نواز شيخ ،ايس ايس پي سرفرار نواز شيخ پڻ ساڻس گڏ هئا هئا.