ننڍي کنڊ جي ثقافتن بابت خراب نان فڪشن ادب لکيو پيو وڃي: فاطمه ڀٽو

0
404

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻيءَ ليکڪه فاطمه ڀٽو چيو آهي ته ننڍي کنڊ جي ثقافتن بابت خراب نان فڪشن ادب لکيو پيو وڃي

فاطمه ڀٽو پاران ايندڙ سال فڪشن ۽ نان فڪشن ادب لکڻ بابت تربيتي ڪلاس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

پنهنجي وڊيو بيان ۾ فاطمه ڀٽو چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ثقافتن بابت اهي ماڻهو لکي رهيا آهن جن کي انهن ثقافتن جي ڪا ڄاڻ ئي نه آهي

Asia In-Depth Podcast: Fatima Bhutto on the Global Rise of Asian Mass Culture | Asia Society

هن چيو ته ننڍي کنڊ بابت نان فڪشن لکڻ لاءِ 19 مارچ 2023 کان تربيتي ڪلاس شروع ڪنديس

فاطمه ڀٽو موجب فڪشن جا ڪلاس 26 مارچ کان شروع ٿيندا

شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو ڪيترن ئي ڪتابن جي لکاري ۽ دنيا جي مڃيل ادبي نقاد آهي

فاطمه ڀٽو اڄڪلهه هڪ نجي اداري لاءِ ادب جا تربيتي آن لائين ڪلاس هلائي رهي آهي