ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ کي شڪست مهانگائي سبب ملي: راڻا ثناءُالله جو اعتراف

0
296
ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ کي شڪست

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله اعتراف ڪيو آهي ته ننڍي چونڊ ۾ نون ليگ کي شڪست مهانگائي سبب ملي، ڳرن يوٽيلٽي بلز سبب ماڻهو ناراض هئا، ماڻهن جي ناراضگي سبب عمران خان کي ڪجهه هزار وڌيڪ ووٽ مليا

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ننڍي چونڊ کٽڻ جو مطلب اهو نه آهي ته عمران خان کي غير آئيني قدم کڻڻ جو لائسنس ملي ويوفارين فنڊنگ ڪيس: عمران خان

هن چيو ته اسلام آباد تي جٿن سان چڙهائي ڪئي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين،  عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي دوستن لاءِ اهو پيغام آهي ته اسلام آباد تي چڙهائي برداشت نه ڪنداسين

هن چيو ته توهان کي اليڪشن کپي ته ڳالهين جي ميز تي يا پارليامينٽ ۾ اچو، ملڪ ۾ ڏڦيڙ برداشت نه ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

عمران جي بيانيي جي فتح، 7 مان 6 تڪن ۾ ڪامياب: عابد شير، بلور ۽ ايمل ولي کي شڪست، ملتان ۽ ملير ۾ اپ سيٽ، پ پ کٽي وئي

غلام احمد بلور جو شڪست قبولڻ کان انڪار: ثمر بلور جون پي ٽي آءِ کي مبارڪون