لاهور/لنڊن(م ڊ) ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ جي بدترين شڪست تي نواز شريف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي فيڪٽ فائنڊنگ ڪاميٽي قائم ڪري رپورٽ موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جڏهن ته مريم نواز به ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ جي بدترين شڪست تي پارٽي ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آهي، پارٽي سربراهه نواز شريف قيادت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب نواز شريف پارٽي قيادت جي ڪاڪردگي مان خوش ناهي ۽ هن ليگي وزيرن ۽ عهديدارن کي سخت ڇنڊ پٽيندي اعليٰ قيادت کان ننڍي چونڊ ۾ شڪست جي فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پارٽي ذريعن موجب قيادت طرفان نواز شريف ڏانهن ننڍي چونڊ ۾ شڪست جي شروعاتي رپورٽ اُماڻي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مهانگائي ۾ لاڳيتو واڌ، بجلي جي ڳرن بلن، پارٽي جو بيانيو ۽ قيادت جي غيردلچسپي شڪست جو ڪارڻ بڻي. ذريعن موجب ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سرخرو ٿي آهي ۽ پيپلز پارٽي جي پنجاب ۾ واپسي ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شڪست جا مڪمل سبب ڄاڻڻ لاءِ پارٽي سربراهه ميان نواز شريف فيڪٽ فائنڊنگ ڪاميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، اها ڪاميٽي ٻن ڏينهن اندر پارٽي جي شڪست جي ڪارڻن جي رپورٽ نواز شريف ڏانهن اماڻيندي. ٻئي طرف اجلاس بعد حسن نواز جي آفيس مان پنهنجي گهر ويندي مريم نواز ضمني چونڊن جي نتيجن تي صحافين سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته في الحال چونڊ نتيجن تي نه ڳالهائينديس آرام سان ويهي ٻڌائينديس. جڏهن ته ن ليگ جي اڳواڻ  پرويز رشيد چيو ته اليڪشن بعد عمران جي پارليامينٽ ۾ سيٽون وڌيڪ گهٽجي ويون، عمران سمجهي ڇڏي فيصلي جو اختيار صرف پارليامينٽ کي آهي، ليگي اڳواڻ ملڪ احمد خان نواز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالهه رياست جا 130 ڪروڙ رپيا هڪ شخص جي ضد ۽ انا تي ضايع ٿي ويا، پنجاب ۽ ڪي پي جا وسيلا استعمال ڪيا ويا، تفصيل اليڪشن ڪميشن کي ڏنا آهن.