ننڪانه/ فيصل آباد (م ڊ) فيصل آباد جي تڪ اين اي 108 ۾ ضمني چونڊ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن عمران خان جي نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملڪ جي 9 تڪن ۾ ضمني اليڪشن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، فيصل آباد جي تڪ اين اي 108 ۾ عمران جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿي ويا آهن، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اثاثن تي اعتراض جو عمران خان پاران جواب نه ملڻ تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. جڏهن ته ننڪانه صاحب جي تڪ اين اي 118 ۾ عمران جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪندي نواز ليگ اميدوار جا اعتراض رد ڪيا ويا آهن، ياد رهي ته نواز ليگ جي اميدوار ڊاڪٽر شذرا منصب عمران خان جي ڪاغذن خلاف اعتراض جمع ڪرايا هئا.