ڪيليفورنيا (انٽرسٽنگ نيوز) ماهرن نئين تحقيق ۾ ٻڌايو آهي ته ننڊ جي کوٽ همدردي وارو جذبو گھٽائي سگهي ٿي. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، برڪلي جي نيورو سائسندان ايٽي بين سائمن چيو ته ننڊ جي کوٽ اسان جي سماجي تجربن ۽ ان جي زاوين کي نئين طريقي سان ترتيب ڏيندي آهي. ترقي ڪيل ملڪن ۾ رهندڙ اڌ کان وڌيڪ ماڻهن رپورٽ ڪيو ته اهي ڪم جي هفتي دوران ڪڏهن ڪڏهن ئي ننڊ پوري ڪري سگھن ٿا پر محققن موجب ننڊ جي کوٽ جا اثر صرف هڪ هفتي تائين محدود نه ٿا رهن.  پيايل او بيالوجي نالي رسالي ۾ ڇپيل هڪ مطالعي ۾ خبر پئي ته ڪم جي هفتي ۾ مقامي طور قائم ه غير منفعتي تنظيم جيڪا عطيا گڏ ڪندي آهي ان ۾تقريبن 10 سيڪڙو گھٽتائي آئي.