نندو(ن پ ا) نندي ۾ برسات متاثرين سياسي سماجي پارٽين ايس ٽي پي،جي ڊي اي ڪارڪنن  طرفان يوسي نندوشھر، يوسي عبدالله شاھ جي ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ڪرڻ خلاف ريلي ڪڍي جيڪا شاهنواز چوڪ تي پھتي جتي سخت احتجاج ڪيو ويو  انهي موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻ علي حيدر پنهور، جي ڊي اي اڳواڻ  علي محمد پنهور، حاجي غلام مصطفيٰ سولنگي ، يوسف لاکاٽيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته بدين ضلعي انتظاميا حڪمران ڌر سان گڏجي بدين ضلعي جي متاثرن لاءِ آيل امداد کائي رهيا آھن بدين ضلعي جو متاثر عوام اڄ به روڊن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن پر انتظاميا جيالن کي خوش ڪرڻ لاءِ رڳو ڪوڙا بل ٺاهي رهي آھي هنن وڌيڪ چيو ته بدين تعلقي جي يونين ڪائونسل عبدالله شاهه جي ٻوڏ متاثر اڄ به ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل هجڻ سبب روڊن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن پر کين نه ڪو راشن مليو آھي نه ئي وري مڇر داني ۽ ٽينٽ ڏنا ويا آھن هنن چتاء ڏنو اگر ضلع انتظاميه يونين ڪائونسل عبدالله شاه جي متاثر عوام جي سار نه لڌي ته ڊي سي آفيس اڳيان تاريخي ڌرڻو هڻندا سين.