نندوشھر(ن پ ا)سم نالن جي کاٽي ڪرايو تحريڪ  پاران بدين ضلعي جي سم نالن جي کاٽي صفائي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن علي حيدر پنھور ، شفيع محمد پنھور، جبار ملاح، سلام جمالي ء ٻين نندو پريس ڪلب آڏو سخت احجاج ڪيو. هنن چيوتہ سنڌ حڪومت طرفان  سم نالن جي کانٽي صفائي لاء اربين رپيا بجيٽ م رکيا ويا آھن پر ڪامورا ڪابہ کانٽي ڪرائڻ لاء تيار ناھن جڏھن برساتون شروع ٿيڻ واريون ھونديون اھن تہ انھي وقت نالي ماتر کانٽي صفائي ڪرائي ڪرپشن ڪري پيسا کائي ويندا اھن ھنن وديڪ چيوتہ گذريل سال بہ کانٽي نہ ٿيڻ ڪري ڪري برساتي پاڻي جي سبب بدين ضلع م اربين رپين جو فصلن جو  نقصان ٿيو ھزارين ماڻھون بي گھر ٿيا  ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيوتہ سم نالن جي کانٽي ڪرائي وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.