نندو (ن پ ا) نندي جي ميمڻ محلا جو رھواسي غريب پورهيت نوجوان ڪامران علي ميمڻ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جيڪو غربت سبب علاج ڪرائڻ کان محروم آهي. سندس گذران بند ٿيڻ سبب معصوم نينگر ۽ معصوم نياڻي گهر ٻاهران ٻارڙن جون شيون کپائي گهر جو سهارو بنجي ويا آھن، جڏهن ته پورهيت نوجوان غربت سبب علاج ڪرائڻ کان قاصر بنجي زندگي ۽ موت سان کيڏي رهيو آھي. پورهيت ڪامران ميمڻ ٽائيم نيوز سان رابطي تي ٻڌايو ته غربت سبب هن مهانگائي ۾ گهر جو خرچو لاء اڳئين پريشان آھيان مٿان وري ڪينسر جهڙو مرض ٿيڻ سبب گهر ۾ کٽ تي بي يارو مدد گار بنجي پيو آھيان هن وڌيڪ چيو ته جيڪو به گهر ۾ جمع پونجي هئي اها علاج تي خرچ ڪري ڇڏيم هاڻ حيدرآباد يا ڪراچي اسپتال تي پهچڻ جيترا به پئسه نه رهيا آھن جنهن سبب مجبورن گهر ۾ زندگي ۽ موت جي وچ ۾ پيو آھيان هن ٻڌايو ته پنج مهينن کان مسلسل بيماري سبب گهر ۾ کائڻ لاء ڪجھ ڪونهي معصوم نينگر ۽ نينگري اسڪول وڃڻ بدران گهر اڳيان ٻارڙن جون شيون بکپائي گهر جو گذران ڪن ٿا هنن سرندي وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته منهنجي علاج ۾ مدد ڪرائي زندگي بچائي وڃي.