نندو (ن پ ا) نندو لڳ ڳوٺ جاڙو ملاح کاکڙ جو رهواسي پورهيت مٺو ملاح جو 15 سالا نوجوان پٽ بلاول ملاح جگر جي تڪليف سبب هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي بيماري جي بستري تي پيل آھي. نوجوان بلاول ملاح جي والد مٺو ملاح ۽ سندس والده آمنه ملاح  ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته گذريل چئن سالن کان پٽ بيمار آھي جنهن جي علاج مختلف اسپتالن مان ڪرايو جيڪا جمع پونجي هئي اها خرچ ڪري ڇڏي هاڻ ڊاڪٽرن مشورو ڏنو آھي ته سندس علاج ڪراچي ۾ ممڪن آھي جتي لکين رپيا خرچ ٿيندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب زمينون بنجر بڻجي ويون آھن جيڪو به مال متاع هو اهو وڪڻي علاج تي خرچ ڪري ڇڏيو هاڻ ته ماني کائڻ لاءِ پريشان آھيون هن سرندي وارن کي اپيل ڪندي گهر ڪئي آھي ته نوجوان پٽ بلاول جو علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي.