نندو (ن پ ا) نندو ڀرسان ڳوٺ گهنور جوڻيجو جو رهواسي حسن علي جوڻيجي جو پنجن ورهين ٻارڙو ڪارو جوڻيجو هلندڙ گڏهه گاڏيءَ مان ڪِرڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳيءَ حالت ۾ رورل هيلٿ سينٽر نندو آندو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.