نندو شھر (ن پ ا) ضلعي انتظاميا جي هدايتن تي نندو شھر ۾ هر آچر تي لڳندڙ مال پڙي ۽ امام بارگاهه ۾ ڪورونا ڪيمپون لڳايون ويون، مختيارڪار بدين نبي بخش سولنگي، ٽائون ڪاميٽي نندو جي اڪائونٽ آفيسر اصغر بجاراڻي، تپيدار حبيب نهڙئي، قدير ڀرڳڙي ۽ نورمحمد کٽي انتظامن جي نگراني ڪئي. انهي موقعي تي روينيو عملدار ۽ ٽائون ڪاميٽي نندو جو عملو مال پڙيءَ ۾ آيل ماڻھن کي ڪورونا ويڪسين ڪرائڻ لاءِ آماده ڪندو رهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مختيارڪار بدين نبي بخش سولنگي چيو ته ڪرونا سان جنگ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. ان لاءِ سياسي ، سماجي ڪارڪنن کي وڌ کان وڌ ڪوششون وٺڻ گهرجي ته جيئن عام ماڻھو ويڪسين ڪرائي سگهن. مال پڙيءَ ۾ آيل سوين ماڻھن ويڪسين ڪرائي. ان کان علاوه شهر جي مرڪزي امام بارگاھ ۾ پڻ ڪورونا ڪيمپ قائم ڪري عام ماڻهن کي ويڪسين ڪئي وئي.