نندوشھر (ن پ ا) نندو لڳ ڳوٺ چوڌري غني ۾ پلاٽ جي مالڪي تان باجوا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون ڪهاڙين جو آزادانه استعمال هئڻ سبب پنج عورتن  سميت ٻنهي ڌرين جا 12 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ مسمات ڪشف باجوا ، زاهد بيبي باجوا ، مقدس باجوا ، مسڪان باجوا، ايمان فاطمه باجوا ، امير حمزاه باجوا ، ڪاشف باجوا نومان باجوا ، آچار خاصخيلي ، آصف باجوا ،عابد رحمان باجوا اسد رحمان باجوا شامل آھن ،زخمين کي نندو رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو جتي کين طبعي امداد ڏيڻ بعد زخمي حالت ۾ انڊس اسپتال بدين نيو ويو ، هوڏانهن نندو ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين طرفان الڳ الڳ رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي