ڪراچي (اسپورٽس نيوز) دنيا ۾ ڪرڪيٽ تي راڄ ڪندڙ ليجنڊري ڪرڪيٽر سچن ٽنڊوالڪر ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ سريلنڪا کي نميبيا هٿان شڪست تي دلچسپ تبصرو ڪيو آهي. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ ڪاميابي تي سچن ٽنڊوالڪر تبصرو ڪندي لکيو ته “نميبيا دنيا جي ڪرڪيٽ کي ٻڌائي ڇڏيو ته نالو ياد رکجو”. واضح رهي ته نميبيا ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ سريلنڪا کي 56 رنز تان شڪست ڏني.