ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مقتول نقيب الله محسود جي ڀاءُ اي ٽي سي جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عالم شير چيو آهي ته نقيب الله قتل ڪيس ۾ عدالت انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪيون، هن چيو ته سندس والد به انصاف جي اميد ۾ دنيا ڇڏي ويو، جڏهن ته ٽرائل دوران کيس کي به ڌمڪيون ڏنيون ويون، واضح رهي ته ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي رائو انوار سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو هو ته پراسيڪيوشن جوابدارن تي الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.