نفيس نگر (ن پ ا) جهڏي تعلقي جي ٻن يوسيز ۾ پ پ توڙي مخالف اميدوارن تحريڪ  لبيڪ ۽ ارباب گروپ وچ ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن، جڏهن ته يوسي فقير فيض محمد  بلالاڻي ۾ گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪندڙ ميمبرن پاران عوام توڙي شهر جا جائز مسئلاءِ حل نه ڪرڻ سبب هن دفعي پ پ اميدوارن لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون آهن، اڪثر برادريون پ پ اميدوارن مان اندروني طور ناراض نظر اچي رهيون آهن، جنهن ڪري سندس سامهون بيٺل اميدوارن کي عوامي موٽ ملڻ شروع ٿي وئي آهي، هوڏانهن يوسي فضل ڀنڀرو ۾ پ پ اميدوارن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ارباب گروپ پڻ ميدان ۾ لٿل آهي،