نفرت جي سياست سان صوبي جي تمام گهڻي تباهي ٿي آهي: سعيد غني

0
239
پي ٽي آءِ جا ميمبر اغوا ڪرڻ وارو الزام غلط آهي: سعيد غني
پي ٽي آءِ جا ميمبر اغوا ڪرڻ وارو الزام غلط آهي: سعيد غني
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته نفرت جي سياست ۾ اڳ ئي صوبي جي تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، ان لاءِ تنقيد ڀلي ڪئي وڃي پر نفرت پيدا نه ڪئي وڃي
حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته مڪاني حڪومتن وارو نئون قانون ايترو آسان ناهي جو هر ماڻهو آساني سان سمجهي سگهي, هن چيو آهي هت جنهن قانون خلاف اڄڪلهه احتجاج ٿئي پيو ان ۾ هڪ ڪوڙ به ڳالهايو پيو وڃي، جنهن ۾ چون ٿا 2013ع وارا اختيار گهٽ ڪيا ويا آهن، اهو غلط آهي ڇاڪاڻ ته اسان رڳو ڪجهه ترميمون ڪيون آهن اهي به نمائندن کي بااختيار بنائڻ لاءِ ڪيا آهن
هن چيو آهي ته ڪجهه پارٽين اتفاق ڪيو ته ڪراچي ۾ ٽائون ٺاهيا وڃن، اسان رڳو ڪراچي ۾ ٽائون نه ٺاهيا پر ڊويزن هيڊ ڪوارٽر ۾ به ٽائون ٺاهيا آهن
هن چيو آهي هت ليبر، عورتن ۽ اقليتي سيٽن ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ ٽرانسجينڊرز لاءِ به سيٽ رکي آهي، ملڪ ۾ جنهن طبقي کي پينو سمجهيو وڃي ٿو انهن لاءِ به سيٽون رکيون آهن