نظريو ساڳيو آهي، اعتزاز جو مستقبل اسان سان آهي: عمران خان

0
276
اعتزاز جو مستقبل اسان سان آهي
نظريو ساڳيو آهي، اعتزاز جو مستقبل اسان سان آهي: عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان اعتزاز احسن ملاقات ڪئي آهي
ملاقات ۾ اعتزاز احسن عمران خان جي خيريت معلوم ڪئي ۽ لانگ مارچ، سياسي صورتحال ۽ وزيرآباد ايف آءِ آر تي به مشاورت ڪئي
ذريعن موجب عمران خان چيو ته هن 17 سال اڳ اعتزاز احسن کي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي دعوت ڏني هئي، اسان جو ۽ اعتزاز احسن جو نظريو هڪ ئي آهي ۽ اعتزاز احسن جو مستقبل اسان سان گڏ آهي
عمران خان چيو ته اعتزاز احسن منهنجو وڪيٽ ڪيپر هوندو هو ۽ هو ڪرڪيٽ کي چڱي ريت ڄاڻي ٿو
ذريعن جو چوڻ آهي ته اعتزاز احسن چيو ته جنهن وقت عمران خان تي فائرنگ ڪئي وئي، ان وقت هو ٽي وي ڏسي رهيو هو
هن چيو ته جوابدار نويد جي وڊيو بيان کانپوءِ مون کي فون آيو ۽ چيو ته هو ڳالهائي رهيو آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان هڪ ايف آءِ آر نه ڪٽرائي سگهيو، انقلاب ڇا آڻيندو؟ راڻا ثناءُ الله

عمران خان تي حملي واري ڪيس جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش

اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا

راڻا ثناءُ الله مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: عمران خان صدر کي خط لکي ڇڏيو