اسلام آباد: پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته جي عدالتي فيصلي سان نظريه سهولت سان گڏوگڏ نظريه محبت به نظر اچي رهي آهي، هميشه لو اسٽوري تي ٻڌل فيصلن ملڪي سالميت کي خطرن جي ور چاڙهيو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته فيصلي سان سياسي، آئيني، عدالتي بحران ۾ وڌيڪ خوفناڪ اضافو ٿيندو، عدالت اليڪشن جو پورو شيڊيول جاري ڪيو جيڪو اليڪشن ڪميشن جو ڪم هو ته پوءِ نتيجن جو به اعلان ڪن ها، ڇا اهو بهتر ناهي ته اليڪشن ڪميشن کي سپريم ڪورٽ ۾ ضم ڪيو وڃي؟ عجيب فيصلو آهي پنجاب ۾ اليڪشن ڪرائڻ سپريم ڪورٽ جو ۽ خيبر پختونخوا ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي،، فيصلي سان اليڪشن ڪميشن شهيد ٿي آهي، عدالتي فيصلو عدالتي تاريخ جي ڪارن فيصلن ۾ شامل ڪيو ويندو.