نصيرآباد (ن پ ا ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج قمبر شھدادڪوٽ زاھد حسين ميتلو، سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ نصيرآباد عمران گاڏھي جھولي لال رائيس مل جي گدام تي ڇاپو هڻي 1000 کان وڌيڪ ٽينٽ، ٻيو سامان ۽ بيٺل ٽرالر سميت برآمد ڪري ورتو آهي، جن کي پوليس تحويل ۾ ڏئي مل کي سيل ڪرايو.پوليس نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين وزير ڦلپوٽو ۽ رائيس مل مالڪ سُڌام چند کي گرفتار ڪري ورتو.سيشن جج قمبر جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو،ھوڏانھن نصيرآباد پوليس وزير ڦلپوٽو ۽ رائيس مل مالڪ سُڌام چند کي ڇڏي ڏنو.