نصيرآباد (ن پ ا) ڳوٺ وزير ملاڻو ۾ نوجوان دلشير پٽ غلام عباس ملاڻو پاران  پنهنجي گهر ۾ ڳچي ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي امڙ روشنا ڏسي جان بچائي ورتي، ٻئي پاسي نوجوان جي حالت نازڪ هجڻ ڪري علاج لاءِ لاڙڪاڻي موڪليو ويو. نوجوان جي امڙ روشنا چيو ته سهري پاران گهر واري روڪڻ تي پٽ اهڙو قدم کنيو.