نصيرآباد (ن پ ا )نصيرآباد ۾ وارهه واسي عبدالجبار مرکنڊ، فرزانه خاتون ٻارڙي عسره ۽ نينگر مزمل احتجاج ڪندي چيو ته ٻوڏ ۾ فصل تباھ ٿيڻ ڪري عبدالغفار مرکنڊ پورهيو ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو هو، جنھن کي ٽي ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، اسان اعليٰ اختيارين، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، کان مطالبو ڪريون ٿا، عبدالغفار کي جلد بازياب ڪرائي ٻچڙن سان ملايو وڃي.