نصيرآباد (ن پ ا ) نصيرآباد باءِ پاس وٽ ويٺل ٻوڏ متاثر گاجي کھاوڙ جي ڳوٺ ڪڙيو سبڙ واسي عبدالرحيم چانڊيو بک ۽ بيماري سبب فوت ٿي ويو، جنھن کي اباڻي ڳوٺ ڪڙيو سبڙ نيئڻ لاءِ ايمبولينس کان مليل جواب بعد وارثن انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو.وارثن جو هو ته برسات ۽ ٻوڏ بعد ڳوٺ ڇڏي نصيرآباد باءِ پاس تي ويٺا آهيون، انتظاميا واھر ناهي ڪئي. جڏهن ته بک سان گڏ ننڍا وڏا بيمارين جي ور چڙهي ويا، جن لاءِ دوا به ڪونھي.هنن چيو ته لاش دفنائڻ لاءِ اسپتال انتظاميا ايمبولينس ڏيڻ کان جواب ڏنو . هوڏانهن سول جج نصيرآباد ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر نصيرآباد جي حڪم تحت آيل بار صدر محمد بخش واھوچو ۽ روينيو ڪلارڪ نادر ڪلھوڙو متاثرن کي ايمبولينس ۽ ٽينٽ سٽي ۾ رهائش لاءِ تمبو ڏيڻ جي خاطري بعد متاثرن ڌرڻو ختم ڪيو.