نصيرآباد (ن پ ا )  نصيرآباد ڊگري ڪاليج ۾ رهندڙ گاجي کھاوڙ جي ڳوٺ آڍو لاشاري جي رهواسي نوجوان اظھر ولد مزن لاشاري زھريلي دوا پي ڇڏي، جنهن کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. مزن خان لاشاري ميڊيا کي ٻڌايو ته پٽ گھر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو،  مان ۽ منھنجو ٻيو پٽ ٻئي معذور آهيون پٽ غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي خودڪشي ڪئي آهي.  اسان جا گھر ٻوڏ جي پاڻي ۾ تباھ ٿي ويا آهن پنھنجا ڳوٺ ڇڏي هن وقت اسان نصيرآباد ۾ اچي ڊگري ڪاليج ڪئمپ تي ويٺا آهيون هن اعليٰ عملدارن کان مدد جي اپيل ڪئي.