نصيرآباد (رپورٽر) نصيرآباد ۾ ٽينس ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ الحسيني ڪلب ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 110 رنز ٺاهيون. عاشر پهنور31 ۽ ڪامران بروهي 27 رنز ٺاهي نمايان رهيا. جکرا اليون باڊهه جي ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ آخري اوور ۾ 106 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، الحسيني ڪلب جي ٽيم 4 رنسن تان ٽائيٽل پهنجي نالي ڪري ورتو. ٻئي پاسي فائنل مئچ ۾ مين آف دي مئچ جو ايوارڊ عاشر پهنور ۽ مين آف دي سيريز ڪامران بروهي کي قرار ڏنو ويو.