نصيرآباد ڀرسان نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي ساڙيو ويو

0
189
نصيرآباد ڀرسان نوجوان

نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ڀرسان ڳوٺ يوسف ڏيري ۾ نامعلوم ماڻهن نوجوان نويد علي پٽ گلشير جت کي گوليون هڻي قتل ڪري لاش پلال جي کري تي اڇلائي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو

اطلاع ملڻ تي پوليس واردات واري هنڌ پھچي لاش پنھجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

وارثن موجب نوجوان ھڪ ڏينھن اڳ دوستن سان ملڻ لاءِ چئي نڪتو هو جنهن کي قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي