نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ڀرسان روزيدار ڀيڻ تي ڀاءُ جو وحشياڻو تشدد، ناري انصاف لاءِ ٿاڻي تي پھتي، اين سي داخل. خبر موجب ڳوٺ مرادي ۾ 26 سالن جي نائلا زال خادم سوھو کي سندس ڀاءُ سلطان واھوچو مبينا ڏنڊن سان تشدد ڪري زخمي ڪر ي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ناري ٿاڻي تي پهچي ڀاءُ خلاف دانهيندي چيو ته روزي سان ھئس ته ڀاءُ بنا جواز لٺين ۽ ڏنڊن سان تشدد ڪري زخمي ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته تشدد ڪندڙ ڀاءُ خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.