نصيرآباد (ن پ ا ) مين پرائمري اسڪول ۾ رهندڙ ڳوٺ ڪڙيو سبڙ جي ٻوڏ متاثر 75 سال جي بختاور خاتون زال غلام حسين اوڍاڻو ڇت تان ڪِرڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي هئي، جنھن کي مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سميت ڄنگهه ۽ ٻانھن ڀڃي پوڻ ڪري لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو هو، جتي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي، جنھن کي  نصيرآباد چنھڙ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.