نصيرآباد ويجهو پراڻي تڪرار تان ناري گوليون هڻي قتل

0
277

نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ويجهو پراڻي تڪرار تان ناري گوليون هڻي قتل، ڳوٺ بٺ شيخ ۾22 ورهين جي نازيا مارجي وئي، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي کانپوءِ مقتولا ناري جي گهر ۾ قهرام مچي ويو، ناري جي والد جو چوڻ آهي ته نياڻي کي اسان جي عزيز قتل ڪيو آهي، جوابدار سڃاتا آهن، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته ناري ناز بيبي جي قتل واري واقعي جي جاچ ڪري رھيا آهيون.