نصيرآباد (ن پ ا) سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ نصيرآباد عمران گاڏھي ڊگري ڪاليج نصيرآباد، بوائز ھاءِ اسڪول،گرلز ھاءِ اسڪول، اقرا پرائمري اسڪول ۾ قائم ڪيمپن جي دوري دوران صفائي، بجلي جي ناقص انتظامن ۽ عمارتن اندر بيٺل پاڻي ڏسي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايڊمنسٽريٽر عطاءَ الله ڇٽو ۽ ٽائون آفيسر محمد مصيب جلباڻي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ڪيمپن ۾ صفائي به نه ٿا ڪرائي سگھو، ھن گندگي واري ماحول ۾ ڇا انسان رھي سگھن ٿا،شام تائين ڪيمپن ۾ صفائي ڪرائي مڇر مار اسپري ڪرايو، ڊگري ڪاليج ۽ بوائز ھاءِ اسڪول ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جنريٽر لڳايا وڃن، ھن چيو ته ھن جيڪو به سستي ڪندو ان کي بخش نه ڪبو.سول جج ايم ايس رورل ھيلٿ سينٽر نصيرآباد کي ھدايت ڪئي ته ڊگري ڪاليج ۾ طبي ڪيمپ لڳائي وڃي.