نصرپور(ن پ ا) نصير آباد ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا جاري آهن. پهرين ميچ ۾ ڊي ايس نصرپور جي ٽيم ڀائو خان پٺاڻ اليون کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. ذيشان خانزادا کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.  ٻي ميچ ڀائو خان اليون پليجاڻي اليون کي سخت مقابلي کانپوءِ ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. شاھنواز ڇٽو کي آل رائونڊ پرفارمنس تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٽئين ميچ ۾ ذاڪر پليجاڻي طرفان مقرر 8 اوورن ۾ ڏنل 122 رنز جي هدف پٺيان  ڊي ايس سخت مقابلي کانپوءِ ميچ برابر ٿي وئي. سپر اور ۾ ڊي ايس نصرپور 7 رنسن تان ذاڪر پليجاڻي کي شڪست ڏني. نعيم شاهه کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو.