نصرپور (ن پ ا) نصرپور پوليس جي نا اھلي جوابدار لاڪپ مان فرار ٿي ويو. نصرپور پوليس ڇاپو ھڻي ڪاشان خانزادہ کي 200  مين پڙين سميت گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو بعد ۾ لاڪپ جي صفائي لاء آيل سوئيپر کي ڊيوٽي تي موجود اھلڪار دروازو کولي صفائي لاءِ چيو سوئيپر لاڪپ جي صفائي ۾ مصروف ھو ته جوابدار ڪاشان  پوليس کي  سرمو پارائي لاڪپ مان فرار ٿي ويو، جڏھن ته نصرپور پوليس لاڪپ مان فرار ٿيل جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاء  مختلف جاين تي ڇاپا هڻندي رهي، نصرپور پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد لاڪپ مان فرار ٿيل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.