نصرپور(ن پ ا) زڪوات عشر ڪاميٽي ضلعي ٽنڊي الهيار نوٽيفڪيشن جاري ڪندي زڪوات عشر ڪاميٽي نصرپور لاءِ نوان چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري ڪئي آهي جن ۾ ٻن عورتن کي به ميمبر ڪيو ويو آهي جن مطابق چيئرمين لاءِ ساجد سليم آرائين وائيس چيئرمين لاءِ محمد سومار انڙ ۽ ميمبرن ۾ نور محمد، مسحودالحسن ڪاشيگر، محمد اسلم، منيب الرحمان قاضي.،رئيس احمد ۽ عورتن ۾ مسمات نذيران صبح پوٽو ۽ سعديا زوجه محمد نديم کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.