نشو ڪھڙي به قسم جو ھجي پر ان جا اثر تمام برا ھجن ٿا ۽ نتيجا ان کان به وڌ خطرناڪ ھوندا آھن نشو ھر رشتي جو دشمن آھي نشي ۾ ماڻھون پنھنجا ويجھا پيارا رشتا به وڃائي ويھندو آھي پر اھا ان کي خبر نه ھوندي آھي نشئي ماڻھون آھستي آھستي پنھنجن ويجھن رشتن کان پري ٿي ويندو آھي

  1. موبائل فون جو نشو

ڪجھ ماڻھن کي موبائل فون استعمال ڪرڻ جو نشو 24 ڪلاڪن مان مس وڃي ٻه ٽي ڪلاڪ ننڊ ڪندا باقي اٿندي ويھندي کائيندي پيئندي سمھندي موبائل ھٿ ۾ ھوندو مجبورن باٿ روم نه ٿا کڻي وڃن ايتري تائين جو انھن کي گھر اندر پنھنجي زال ٻارن کي ٽائيم ڏيڻ جو به وقت ناھي ھوندو

  1. عورت جو نشو

ڪجهه ماڻھون کي ٻين عورتن سان ملڻ ميل ميلاپ رکڻ فون توڙي ميسيج تي ڳالھائڻ گھمڻ ڦرڻ پسند ھوندو آھي ۽ نتيجي ۾ اھي ماڻھون ٻي عورت جي چڪر ۾ ايترو گھيرجي ويندا آھن  جو انھن کي پنھنجي زال جي به شڪل ناھي وڻندي

  1. نشي آور شيون استعمال ڪرڻ جو نشو

اڄ ڪلھه ڏٺو وڃي ته اسان جو نوجوان نسل جنھن جي وات ۾ ھر وات مين پڙي پان  نسوار گٽڪو ۽ سوپاريون وات ۾ ھجن ٿيون ھر وقت نشي واريون شيون کائڻ سان انھن جو دماغ خشڪ ٿي وڃي ٿو ۽ سن رھي ٿو انھن کي پنھنجو ھوش ته ھوندو ناھي پر انھن جي مزاج طبعت ۾  بداخلاقي ڪاوڙ چڙ وڌي وڃي ٿي ۽ نتيجي ۾ ھو ھر ننڍي وڏي ڳالھه ۾ ڪاوڙ ۾ اچي پاڻ مارين ٿا ۽ گھر اندر ماءُ ڀيڻ ڌي زال سان بدتميزي گارگند بداخلاقي پڻ ڪن ٿا. (فيس بوڪ تان ورتل)