ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. نسيم شاهه ڪيريئر جي شروعاتي 5 ون ڊي ميچز ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو. نسيم شاهه پنهنجي ڪيريئر جي پنجين ون ڊي ميچ ۾ 18 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون ۽ ايئن هن آسٽريليا جي ريان هيرس جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. نسيم شاهه اهرو ڪارنامو نيوزيلينڊ خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ انجام ڏنو. هن ميچ ۾ گڏيل طور تي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. ريان هيرس شروعاتي پنج ون ڊي ميچن ۾ 17 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون. نسيم شاهه پوئين ميچ ۾ 4 ون ڊي ميچون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرن جو رڪارڊ به پنهنجي نانءِ ڪيو هو.