نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي اڳوڻي سربراهه امرجيت سنگهه دولت چيو آهي ته مون کي لڳي ٿو ته ڀارت طرفان هاڻي پاڪستان سان ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ نريندر مودي ڪنهن وقت به ڳالهين لاءِ هٿ وڌائيندو. دولت هندستان جي نئين ساٿي آمريڪا جي ڏور ٿيڻ بعد پاڙيسرين جي ويجهو وڃڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته ايران، روس، چين جو هڪ طاقتور اتحاد تيار ٿي رهيو آهي، پاڪستان سان ڳالهائڻ لاءِ هر ڀيري ڀلو وقت ايندو آهي. هن هڪ انٽرويو ۾ چيو ته هر وقت پاڪستان سان ڳالهائڻ جو بهتر وقت اچي پيو، اسان کي پنهنجي پاڙيسرين سان رابطو برقرار رکڻ جي ضرورت آهي، اهو ضروري آهي ته عوامي رابطن سان ڳالهين جا در کليل رکيا وڃن. دولت جو چوڻ هو ته مون کي لڳي ٿو ته مودي هن سال ڳالهائيندو، ڪي اندروني ڳالهيون ته نه آهن پر مون کي ائين لڳي ٿو. ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي اڳوڻي سربراهه امرجيت سنگهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان لاڳاپا هميشه گهريلو سياست جي ڪري متاثر رهيا آهن.