نرسنگ لاءِ سنڌ کان علاوه ڊوميسائيل رکندڙ شاگردن جي داخلا تي پابندي چئلينج

0
245
سنڌ هاءِ ڪورٽ 9 قومي تڪن

ڪراچي: نرسنگ لاءِ سنڌ کان علاوه ڊوميسائيل رکندڙ شاگردن جي داخلا تي پابندي چئلينج ڪئي وئي آھي، نجي نرسنگ اداري ۾ سنڌ کان علاوه ڊوميسائيل رکندڙ شاگردن جي داخلا  تي پابندي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾چئلينج ڪئي وئي آھي

آل پاڪستان نرسنگ ايسوسيئيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پابندي کي چئلينج ڪري ڇڏيو، وڪيل موجب ڪنهن به شهري کي ڊوميسائيل جو شرط لڳائي تعليم کان پري رکڻ قانون جي خلاف آهي

ايڊووڪيٽ وسيم ختر موقف اختيار ڪيو آهي ته قانوني طور تي ملڪ جو ڪوبه شهري ڪنهن به صوبي ۾ تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو، ڊوميسائيل جو شرط لاڳو ڪري تعليم کان پري رکڻ ظلم آهي

سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي ڪا سرحد ناهي هوندي، ايمرجنسي ۾ جيڪڏهن ضرورت پوي ته ڪيوبا مان به ڊاڪٽر گهرائي سگهجن ٿا

درخواستگذار کي درخواست ٻڌڻ جوڳي هُجڻ يا نه بابت مطمئن ڪرڻ جِي هدايت ڪئي وئي آھي

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ هاڻي رڳو ڪچيون آباديون ۽ ڳوٺ ٺهي رهيا آهن:سنڌ ھاءِ ڪورٽ