ندي ۾ پلاسٽڪ اڇلائي غلطي ڪئي وڏو گناهه ناهي ڪيو: ريشم

0
549

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي سينئر اداڪاره ريشم درياهه ۾ مڇين جي کاڏي لاءِ گوشت ۽ ڊبل روٽين سان گڏ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون اڇلڻ تي وضاحت پيش ڪئي آهي. سندس ان وڊيو تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي

هن چيو ته ٻن ڏينهن لاءِ چارسده وئي هيس، اتي ٻوڏ متاثر ٻارن سان وقت گذاريو ۽ واپسي تي درياهه جي ڪناري مڇين کي کاڌو کارائڻ بيهي رهيس

هن چيو ته اسان انسان آهيون غلطيون ٿي وينديون آهن ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي جو ماڻهو ايتري تنقيد ڪري رهيا آهن. تنقيد سان مون تي ڪو فرق نه ٿو پوي. هن چيو ته معصوم انسان آهيان اندازو نه هو ته مون ٿيلهي به اڇلائي ڇڏي آهي، سوشل ميڊيا ٽرينڊ ڏسي غلطي جو احساس ماڻهو ائين پيا تنقيد ڪن ڄڻ مون وڏو گناهه ڪيو هجي

. ٻئي انٽرويو ۾ هن چيو ته پيرس مان مون لاءِ سڱ آيو هو جيڪو مون رد ڪري ڇڏيو، شادي ان ڪري نه ٿي، آئون ننڍي دل واري سان نه ٿي رهي سگهان، اهو همراهه تمام گهڻو ڪنجوس هو. هن چيو ته پاسپورٽ تي منهنجي عمر 6 کان 7 سال گهٽ لکيل آهي