ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ انڪوائرين خلاف داخل دارخواست جي ٻڌڻي وڪيلن جي ھڙتال سبب نه ٿي سگھي، ان ڏس ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل جو چوڻ ھو ته ايف آءِ اي ڪيس داخل ڪرڻ چاهي ٿي پر حڪم نامي سبب ڪارروائي متاثر ٿي رهي آهي، ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته درخواستگذارن طرفان شڪي بينڪ اڪائونٽس هلايا پيا وڃن، ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ميڊيا سينٽر جي نالي تي به هڪ بينڪ اڪائونٽ  آهي، واضح رهي ته  ايف آءِ اي جي نوٽيسن خلاف نجيب هارون، سيما ضياءَ، ثمر علي خان ۽ جاويد عمر عدالت سان رابطو ڪيو هو