ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي نيب ۽ ٻين ڌرين کان 23 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه نثار کهڙو پاران داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي دوران نثار کهڙو عدالت ۾ پيش ٿيو پر سندس وڪيل فاروق ايچ نائيڪ پيش ٿي نه سگهيو. ان موقعي تي جونيئر وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فاروق ايچ نائيڪ ڪراچي ۾ موجود ناهي تنهن ڪري پيش نه ٿو ٿي سگهي تنهن ڪري عدالت کي استدعا آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي جنهن تي عدالت نيب ۽ ٻين ڌرين کي 23 جون تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي نثار کهڙو جي وڪيل کي پڻ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.