ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کهڙو بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي ويو، پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل واوڊا جي استعيفا کانپوءِ سنڌ مان سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، عاجز ڌامراهه ۽ سرفراز راڄڙ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جڏهن ته ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي  مان ڪنهن به نامزدگي فارم جمع نه ڪرايو، عاجز ڌامراهه ۽ سرفراز راڄڙ پاران هٿ کڻڻ بعد  اليڪشن ڪميشن ڪالهه نثار کهڙي کي گهرائي بنا مقابلي سينيٽر چونڊجڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،