اسلام آباد(بيورورپورٽ+ م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ ٻين اميدوارن جي ڪاميابي کي حقيقي آزادي جو ريفرنڊم قرار ڏيندي چيو آهي ته قوم هڪ ڀيرو عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪيو، حڪومت وٽ هاڻ چونڊون ڪرائڻ کانسواءِ ٻي ڪا به راهه نه آهي، حڪمرانن کي اڄ راتاس ئي اقتدار ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏڻ گهرجي. چونڊن جي نتيجن تي تبصرو ڪندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو ته ضمني چونڊ ڏوهارين جي ٽولي کان حقيقي آزادي جو ريفرنڊم آهي، اسان پي ڊي ايم، اليڪشن ڪميشن ۽ نامعلوم ماڻهن سوڌو سڀني سان مقابلو ڪري رهيا هئاسون. اسان کي ڪاميابي ملي.  پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عمر ايوب اليڪشن ڪميشن تي ڌانڌلي جو الزام هڻندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ڌانڌلي نه ڪري رهي آهي ته باقي ڪير ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ جي سينئر نائب صدر فواد چوڌري چيو ته  الحمدالله قوم هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان کي پنهنجي اميدن جو محور ثابت ڪري ڇڏيو، سمورن سيٽن تي عمران جي ڪاميابي ٿي آهي، حڪومت کي چوان ٿو ته عوام جي خواهش جو احترام ڪري حڪومت فوري طور عام چونڊن جو اعلان ڪري، حڪومت سان اليڪشن فريم ورڪ تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فرخ حبيب چيو ته عمران وفاق جي مضبوطي جي علامت بڻجي چڪو آهي، پوري پاڪستان مان ريفرنڊم جي صورت ۾ نتيجا اچن پيا، عمران خان اسيمبلي نه پيو وڃي پر عوام جي محبت جو اظهار ڏسي وٺو، ايندڙ چونڊن ۾ عمران اڪثريت سان ڪامياب ٿيندو، عمران جي مقابلي ۾ 13 جماعتون هيون پوءِ به حال ڏسو، پي ڊي ايم ۽ اتحادي جماعتن جو بيانيو عوام لتاڙي ڇڏيو، عوام هن امپورٽڊ حڪومت مان نجات چاهي ٿو، پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر چيو ته حڪمرانن کي چوان ٿو ته نئين چونڊن جو اعلان ڪري، پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو ته عوام ضمني چونڊ ۾ پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو، عوام ضمني چونڊ ذريعي ريفرنڊم ڏنو ته عام چونڊون ڪرايو، تحريڪ انصاف جو مطالبو آهي عوام جي ڳالهه مڃي وڃي. عمران خان کي کٽي اسيمبلي ناهي وڃڻو، عمران حلف به نه کڻندو، ضمني چونڊ ريفرنڊم هو، عوام ڏٺو ته سنڌ هائوس ۾ ڪيئن ٻوليون لڳاوين ويون، 11 سيٽن کي عمران خان کي ڪاميابي ملي آهي، هن چيو ته مون کي ته لڳي ٿو ته شهباز شريف اڄ رات ئي لنڊن فون ڪري چوندو ته اسان کي عوام ته قبول ڪري ئي ڪو نه ٿو ان ڪري مون کي هاڻ وڃڻ ڏيو. هن چيو ته حڪومت کي هاڻ وقت ڏيڻ گهرجي ته اها فيصلو ڪري. تحريڪ انصاف پاران اڄ يوم تشڪر ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اسد عمر چيو ته عمران خان سمورن ڪارڪن کي يوم تشڪر ملهائڻ جي هدايت ڪئي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو ته مريم نواز ۽ شهباز شريف نواز ليگ جي سياست ته ٻوڙي ڇڏي گڏ جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم، باقي پي ڊي ايم جو به جنازو ڪڍي ڇڏيو، عوام جي فتح، پي ٽي آءِ جي فتح ٿي آهي.