نبي سر روڊ (ن پ ا) نبي سر ويجهو قتل ٿي ويل کير وڪرو ڪندڙ پورهيت جو 3 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، ٽئي  جوابدار گرفتار، خبر موجب ٻه ڏينهن اڳ نبي سرروڊ ويجهو شاهلي واءِ ۾ کير وڪرو ڪندڙ پورهيت علي نواز چانڊيو کي ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو جنهن جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ علي حسن چانڊيو  جي فرياد تي 3 جوابدارن فاروق چانڊيو، عظيم چانڊيو ۽ الطاف چانڊيو خلاف داخل ڪيو ويو آهي، فريادي ڄاڻايو آھي ته جوابدار ڌر اسان جي ڀر ۾ رهندڙ آھي، جن سان منهنجي ڀاءُ جي فصل جي ڀيل تان منهن ماري ٿيل هئي، جنهن بعد هنن کيس قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ڇاپا هڻي ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.