نبي سرروڊ (ن پ ا) نبي سرروڊ ويجهو سانوري شاخ جي ڪناري تي ڳوٺ مير محمد رند ۾ عدالتي حڪم تي پوليس ۽ آبپاشي عملي حددخليون ڄاڻائي ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، عملي جي اهڙي ڪارروائي خلاف متاثر رهواسين، لطف علي رند، رمضان رند، سجاول رند، مسمات ڪريمان رند، مسمات مريم ۽ ڦاپل معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن دانهيندي چيو ته اسان هتي گذريل 100 سالن کان ويٺل آهيون، مقامي زميندار دشمني سبب عدالت ۾ اهڙي درخواست ڏني، جنهن تي اسان جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، هنن چيو ته وڏي ناانصافي ٿي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي، هوڏانهن نبي سر پوليس ۽ ايريگيشن عملي موجب اسان ڳوٺاڻن کي اڳواٽ اطلاع ڪيو هو پر هنن پنهنجا گهر خالي نه ڪيا، جنهن ڪري ڪارروائي ڪئي وئي.