ناڻي واري وزير طرفان سُپر ٽئڪس جِي وضاحت

0
215
سُپر ٽئڪس جِي وضاحت
ناڻي واري وزير طرفان سُپر ٽئڪس جِي وضاحت

اسلام آباد: ناڻي واري وزير وڏين صنعتن تي لڳندڙ سُپر ٽئڪس جِي وضاحت ڪري ڇڏي، قومي  اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو آهي ته سمورين صنعتن تي 4 ۽ مخصوص سيڪٽرز تي 10 سيڪڙو سُپر ٽئڪس لڳايو ويو آهي

ناڻي واري وزير چيو ته اُن کانپوءِ انهن صنعتن تي ٽئڪس 29 سيڪڙو مان وڌي 39 سيڪڙو ٿي ويندو، بجيٽ ۾ خسارو گهٽائڻ لاءِ اهو هڪ دفعو صنعتن تي ٽئڪس لڳايو ويو آهي

هن چيو ته ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ لاءِ ڪا  ته قيمت ادا ڪرڻي پوندي، سڀني کي پنهنجو حصو وجهي ملڪ بچائڻو آهي